ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ننگرهار جي شهر جلال آباد ۾ بم ڌماڪن جون خبرون سامهون آيون آهن، رپورٽ مطابق ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪن ۾ بارودي مواد روڊ ڪناري لڳايو ويو هو جنهن ۾ طالبان فورسز جي هڪ گاڏي کي نشانو بنايو ويو آهي، حملي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، مقامي ميڊيا جي رپورٽن مطابق هڪ کان وڌيڪ ڌماڪن جون رپورٽون آهن پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، ننگرهار جي صوبائي اسپتال جي اختيارين موجب 20 زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن مان گهڻو انگ عام شهرين جو آهي، ان حملي جي ذميواري اڃان تائين ڪنهن به تنظيم قبول نه ڪئي آهي، ياد رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو پهريون حملو آهي.
121