سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته هاڻي وڌيڪ انتظار نه ٿا ڪري سگهون، هن حڪومت سان جنگ ڪرڻ پوندي. غير شفاف چونڊون برداشت نه ڪنداسين، ملڪ کي سول بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني گهرجي. شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان رات ڏينهن مديني جي رياست جو ذڪر ڪري ٿو پر پاڻ ته عمل ڪري ئي نه ٿو. هن عوام سان رڳو دوکو ڪيو آهي، عمران خان پنهنجي عزت پاڻ ئي مٽي ۾ ملائي ڇڏي آهي. هاڻي وڌيڪ انتظار نه ٿا ڪري سگهون، هن حڪومت سان جنگ ڪرڻ پوندي. ملڪ جي سڀني آئيني ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته اها ئي انهن سان مفاهمت آهي. چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ ڪٿي به مداخلت نه ٿي ۽ پنجاب جي عوام جي اڪثريت مسلم ليگ ن جي حق ۾ ووٽ ڏنو. هن چيو ته جتي ن ليگ جا منصوبا ٺهيا آهن اتي پي ٽي آءِ پنهنجون تختيون لڳائي رهي آهي، رياست مدينا جو نالو ورتو ٿو وڃي ۽ ڪم ان جي لاءِ ابتڙ ڪيا ٿا وڃن. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ايٽمي طاقت هجڻ باوجود به پي ٽي آءِ وارا ڪستو کڻي پنندا آهن، عمران خان چوندو هو ته جيڪڏهن ڊالر هڪ روپيو به وڌي وڃي ته ان وقت سمجيهو وڃي ته وزيراعظم چور آهي. وزيراعطم چوندو هو جيڪڏهن بجلي جي بلن ۾ به اضافو ڪيو وڃي ته ان ڏينهن ائين سمجهيو وڃي ته ملڪ جو وزيراعظم چور آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ (ن ) ليگ پوري ملڪ ۾ ميدان ماريندي، هاڻي ڪا به غير شفاف اليڪشن برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن صاف شفاف اليڪشن نه ٿي ته اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي.
132