111

ڪابل ڊرون حملو هڪ افسوسناڪ غلطي هئي: جنرل ڪينٿ ميڪ ڪينزي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪ ڪينزي چيو آهي ته گذريل مهيني ڪابل ۾ ڪيل ڊرون حملي ۾ ٻارن سميت 10 شهرين جي مارجڻ هڪ افسوس ناڪ غلطي هئي، برطانوي خابرو اداري مطابق آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل ڪينٿ ميڪ ڪينزي تحقيقات کان پوءِ صحافين کي ٻڌايو ته گذريل مهيني ڪابل ۾ ڪيل ڊرون حملو هڪ افسوسناڪ غلطي هئي ۽ ان تي معذرت ٿا ڪيون، اسان هن افسوسناڪ غلطي مان سبق سکڻ جي ڪوشس ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت ان ڳالهه جو مطالعو ڪري رهي آهي ته مارجي ويلن جي گهر ڀاتين کي هرجاڻي جي ادائگي ڪيئن ڪري سگهجي ٿي. واضح رهي ته آمريڪي بچاءَ واري وزير الائيڊ آسڪن پنهنجي هڪ بيان ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان معذرت ڪندي چيو هو ته مارجي ويلن جي وارثن سان گهري تعزيت ڪيان ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو