اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) براڊ شيٽ پاڪستان کان 30 ملين ڊالر وٺڻ باوجود وڌيڪ 1.2 ملين پائونڊز گهري ورتا آهن، برطانوي فرم براڊ شيٽ قانوني فيس ۽ رهتن جي مد ۾ پاڪستان ۽ نيب کان وڌيڪ رقم گهري ورتي آهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب براڊ شيٽ ڪيس تي پاڪستان جا هن وقت تائين تقريبن 65 ملين ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن،هاڻي براڊ شيٽ نيب کان 11 لک 13 هزار 261پائونڊز ليگل فيس ۽ 61 هزار 497 پائونڊز رهتون گهري ورتيون آهن، 17 آگسٽ تي براڊ شيٽ کي 9 لک 20 هزار ڏنا ويا هئا، نيب کي اها رقم پنهنجي ۽ وڪيلن جي طرز عمل ۽ غير فعال ٿيڻ تي ڏيڻي پئي.
116