بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي پر ڏيهي وزارت جي ترجمان ليجيان زائو چيو آهي ته آمريڪا ۽ اتحادين کي افغانستان جي نئين سر تعمير جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، بيجنگ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي برادري کي افغانستان کي انساني همدردي تي امداد فراهم ڪرڻ گهرجي، خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪيو وڃي، افغان عوام کي امن، سڪون، ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي، دهشتگردي روڪڻ لاءِ پڻ قدم کڻڻا پوندا، هن چيو ته ڍپاڙيسري ملڪن جي جائز خدشن ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
115