121

ملڪ ۾ ڪورنا سبب 63 حياتيون ضايع، سنڌ ۾ 15 مريض فوت، 759 نون ڪيسن جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورنا وائرس سبب 63 حياتيون ضايع ٿي ويون، سنڌ ۾ 15 مريض فوت، رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2512 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 4.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 759 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 915 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن، اھا ڳالھھ ڇنڇر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15206 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 759 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 5 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 15 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 7258 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح  1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 5835861 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ 449695 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 915 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 413459 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 92 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 28737 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 28074 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، مختلف اسپتالن ۾ 623 داخل آھن ۽ 40 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 557 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 44 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 759 ڪوويڊ ڪيسن مان 339 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ ڪراچي اوڀر ۾ 113، حيدرآباد ۾ 100، ڪراچي ڏکڻ ۾ 89، سجاول ۾ 51، ڪورنگي ۾ 38، ڪراچي سينٽرل ۾ 37، ميرپورخاص ۽ ملير ۾ 32-32، مٽياري ۾ 31، ڪراچي اولھھ ۾ 30، ٽنڊو الھيار ۾ 29، سانگھڙ ۾ 26، بدين ۾ 20، ٿرپارڪر ۾ 19، ڄامشورو ۾ 15، عمرڪوٽ ۾ 14، ٺٽو ۾ 13، لاڙڪاڻو ۾ 12، نوابشاھھ ۾ 9، ٽنڊو محمد خان ۾ 6، خيروپور ۾ 5، ڪشمور ۾ 3، گھوٽڪي ۾ 2، سکر، جيڪب آباد، قمبر، نوشھروفيروز ۽ دادو ۾ ھڪ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو