اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تاجڪن، هزاره ۽ ازبڪن کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ طالبان سان ڳالهايان پيو، افغانستان ۾ طالبان جي سوڀ کان پوءِ پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ڇا 3 لک افغان فوج کي وڙهڻ کان پاڪستان روڪيو هو؟ اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽويٽ ۽ مختلف ميڊيا جي ادارن کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. عمران خان پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻڻ سان ملاقاتن ۽ خاص طور تي تاجڪستان جي صدر علي رحمانوف سان تفصيلي ڳالهين کان پوءِ مون تاجڪن، هزاره ۽ ازبڪن کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کان پوءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي هڪ صورت اتي گڏيل حڪومت جو ٺهڻ آهي، جيڪو نه رڳو افغانستان لاءِ پر پوري خطي جي مفاد ۾ پڻ آهي. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٿيل ملاقات ۾ افغانستان جي پشتونن ۽ تاجڪن ۾ڪيترن ئي ورهين کان هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ تي اتفاق پڻ ٿيو آهي. عمران خان تاجڪ صدر کي پڪ ڏياريندي چيو ته طالبان تي زور ڀريندس ته ساڻن ويڙهه نه ڪندڙ تاجڪ اڳواڻڻ کي حڪومت ۾ شامل ڪن. هن چيو ته آئون ان ڳالهه تي پڻ زور ڏيندس ته پنجشير صوبي ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جاري رکي وڃي. هوڏانهن هڪ روسي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ امن، استحڪام سان ئي سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. افغانستان تاريخي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جتان اهو صحيح رخ ۾ به وڃي سگهي ٿو ۽ غلط رخ ۾ پڻ وڃي سگهي ٿو. جيڪڏهن غلط رخ ۾ هليو ويو ته پوءِ ڏڦيڙ، انساني بحران ۽ پناهه گيرن جو وڏو مسئلو پيد ٿيندو، جنهن سان سمورا پاڙيسري متاثر ٿيندا. طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ اهم قدم ٿيندو، ان لاءِ اسين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي هڪ پالسيي ٺاهي رهيا آهيون، ته طالبان کي ڇا ڪرڻ گهرجي جنهن سان اسين ان کي تسليم ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته جهڙي وڏي جدوجهد طالبان ڪئي اهڙي شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي، انهن 20 سالن تائين انساني تاريخ جي طڀ کان خطرناڪ هٿيارن جو ڀرپور نموني سان مقابلو ڪيو. عمران خان چيو ته طالبان جي ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا مهم شروع ڪئي وئي. پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي۽ اهو به چيو ويو ته طالبان جي پاڪستن مدد ڪيئ ان ڪري ان فتح ماڻي، عمران خان چيو ته ڇا 3 لک افغان فوج کي وڙهڻ کان پاڪستان روڪيو هو؟ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اها ڳالهه کڻي مڃي به وڃي ته پاڪستان طالبان جي مدد ڪئي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته پاڪستان آمريڪا ۽ سمورن يورپ کان به وڌيڪ طاقتور آهي. هن چيو ته ان پروپيگنڊا ۾ ڀارت سڀني کان اڳتي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ افغان زمين تان دهشتگردي جو به خطرو آهي. 3 دهشتگرد گروپ اڳ ئي افغان زمين استعمال ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيا آهن.
