114

اسلام آباد ۾ جامعه حفصه تي افغان طالبان جو ٽيهر جهنڊو ڦڙڪايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ جامعه حفصه تي افغان طالبان جو ٽيهر جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي،افغانستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ هي ٽيون ڀيرو جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي، هوڏانهن جامعه حفصه ۽ لال مسجد جي ترجمان شڪيل غازي موجب امارات اسلاميه جو جهنڊو فجر جي وقت لڳايو ويو هو،  جهنڊو ڦڙڪائڻ جو مقصد مطالبو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي نظام متعارف ڪرايو وڃي، ٻئي طرف انتظاميا چيو آهي ته لال مسجد تي جهنڊو ڦڙڪائڻ تي مولانا عبدالعزيز جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو