127

شهباز شريف اليڪشن ڪميشن ميمبرن جا نالا تجويز ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف اليڪشن ڪميشن لاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخوامان 2 ميمبرن جي مقرري لاءِ وزيراعظم عمران خان کي جوابي خط لکي ڇڏيو آهي. شهباز شريف پاران لکيل خط ۾ اليڪشن ميمبر پنجاب جي لاءِ جسٽس(ر) طارق افتخار، جسٽس(ر) مشتاق احمد جا نالا تجويز ڏنا ويا آهن. انهن کان علاوه  محمد جاويد انور، خالد مسعود چوڌري، عرفان قادر ۽ عرفان علي جا نالا به تجويز ۾ شامل آهن. خيبرپختونخوا۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري لاءِ سيد افسر شاهه، سردار حسين شاهه ۽ سهيل الطاف جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن. 26 آگسٽ تي وزيراعظم عمران خان شهباز شريف کي خط لکي ان کان اليڪشن ڪميشن جي خالي سيٽن جي  لاءِ نالا گهريا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو