118

پني عاقل جي عدالت مان قتل ڪيس جو قيدي فرار، غفلت جي الزام ۾ 3 اهلڪار معطل، لاڪ اپ

پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پني عاقل جي عدالت مان قتل ڪيس جو جوابدار قيدي فرار، غفلت جي الزام ۾ 3 اهلڪار معطل، لاڪ اپ. ان سلسلي ۾ سکر سينٽرل جيل مان حاضريءَ تي آندل قيدي لياقت چاچڙ عدالت مان هٿڪڙين سميت ڀت ٽپي فرار ٿي ويو، جنهن بعد اهلڪارن ۾ ٿرٿلو متل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته لياقت چاچڙ کي گذريل سال سڌوجا ٿاڻي جي حد ۾ پنهنجي مائٽ لشڪري چاچڙ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڪورٽ ٻاهران بيٺل ڪمند جي فصل ۾ لڪل آهي، جنهن جو گهيرو ڪيو آهي، جلد پڪڙي وٺنداسين. فرار ٿيل قيدي مٿان بائجي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آخري اطلاعن تائين هٿ اچي نه سگهيو هو. ٻئي پاسي ايس ايس پي سکر عرفان سمون واقعي جو نوٽيس وٺندي غفلت جي الزام هيٺ 3 اهلڪارن سب انسپيڪٽر غلام حسين، هيڊ ڪانسٽيبل زبير ۽ اهلڪار نجم الدين کي معطل ڪري لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو