185

دادو سول اسپتال ۾ عورت فوت، ڊاڪٽر تي غفلت الزام، اسپتال ۾ احتجاج، روڄ راڙو

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جي ضلعي هيڊڪوارٽر واري سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج جي لاءِ آندل عورت فوت ٿي وڃڻ سبب وارثن پاران ڊيوٽي ڊاڪٽر تي غفلت الزام هڻي وارڊ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ هو ته مسمات زينب مستوئي کي علاج لاءِ ايمرجنسي وارڊ ۾ کڻي آياسين جتي ڊاڪٽر پاران انجيڪشن هڻڻ بعد سندن حالت خراب ٿي وئي ۽ ڪجهه منٽن ۾ هوءَ فوت ٿي وئي، جيڪا ڊاڪٽر جي سڌي غفلت آهي. احتجاج بعد پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري عورت جو مڙهه ڳوٺ شاهنواز مستوئي روانو ڪيو. ٻئي طرف سول اسپتال دادو جي سول سرجن ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي رابطي تي ٻڌايو ته مسمات زينب مستوئي کي دم جي تڪليف هئي جنهن کي فوري طور آڪسيجن ڏني وئي، ان کي وڌيڪ بهتر علاج لاءِ سيوهڻ ريفر ڪيو پيو وڃي ته ان دوران مريض کي دل جو دورو پئجي ويو، جنهن سبب سندس موت واقع ٿي اسان ڊاڪٽرن جي مريضن سان ڪهڙي دشمني آهي جو ڊاڪٽرن تي مريض کي مارڻ جو الزام مڙهيو پيو وڃي. وارثن جو چوڻ هو ته عورت جي موت مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ بعد ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو