104

صنعتن ۽ نيڪال جو گندو پاڻي ڇڏڻ بابت سروي مڪمل ڪئي آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي  يونيورسٽيز، بورڊز ۽ ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران ڪراچي سميت 5 وڏن شهرن ۾ شاخن، ڪينالن ۽ درياءَ  ۾ صنعتن ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي  ڇڏڻ وارن علائقن ۾ سروي مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن جي رپورٽ ٽن ڏينهن ۾ اچي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪائوٽ آديٽوريل ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ وڻڪاري جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اسماعيل راهو چيو ته رپورٽ اچڻ بعد ذميوار ماڻهن خلاف سيپا ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته آبي ذخيرن ۾ ڊرينيج ۽ صنعتي گدلاڻ کي خارج ٿيندڙ جڳهن جي مڪمل ايڊريس جي پي ايس سان گڏ اماڻين. هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني سرگرمي نه صرف پاڻي ۾ گدلاڻ ڦهلائي رهي آهي پر صنعتي گدلاڻ مختلف بيمارين جي ڦهلجڻ جو سبب به بڻجي رهي آهي.اسماعيل راهو چيو ته ڪيترائي ملڪ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، ايندڙ وقت ۾ پاڻي جي کوٽ اڃا وڌندي، پاڻي جي کوٽ جا اثرات ماحول تي به پئجي رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته مختلف شهرن ۾ هن وقت به وڻ ڪٽجڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن ۽ نوان وڻ به نه ٿا لڳايا وڃن. عوام ماحولياتي گدلاڻ کان بي خبر آهي ۽ شهرن ۾ مهم هلائڻ جي به ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته جن صنتعن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ ناهي ۽ جيڪي فيڪٽريون ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن انهن کي سيپا ايڪٽ تحت بند ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ ماحولياتي گدلاڻ ٻين شهرن کان وڌيڪ آهي، ان تي سنڌ حڪومت سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي مهانگائي جي مسئلي تي عوام سان گڏ آهيون. هن چيو ته ماحول جي تحفظ لاءِ قانون آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. پلاسٽڪ ٿيلهين وارو مسئلواهم آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. آبادين ۾ شهري علائقن ۾ لڳايل موبائل ڪمپنين جي ٽاورن جي پڻ جاچ پڙتال ڪئي ويندي. اسماعيل راهو چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن کي به ماحوليات بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسماعيل راهو آخر ۾ ٻوٽا لڳايا ۽ اسڪائوٽس ۾ شيلڊون به  ورهايون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو