120

ڪراچي ۾ 8 ورهين جي نينگري سان زيادتي، جوابدار گرفتار

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد سومار ڳوٺ جي ڪچي آبادي جي رھواسي محمد يوسف جي 8 سالن جي ڌيءَ  (ف) گھر جي ٻاھر کيڏي رھي هئي ته  علائقي جي اوباش نوجوان ڪامران ننگري کيس ڪنھن بھاني سان گھٽي ۾ وٺي مبينا طور تي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو.  متاثر ٻارڙي پنهنجي  پاڻ سان ٿيل زيادتي بابت گھر وارن کي ٻڌايو جنهن  کانپوءِ اسٽيل ٽائون پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار ڪامران کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو