109

ڪراچي فيڪٽري سانحي ۾ جاچ آفيسر کي 23 سيپٽمبر تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنن جج اوڀر جي عدالت مهراڻ ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 پورهيتن جي سڙي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر کي 23 سيپٽمبر تي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه جاچ آفيسر پاران ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪرڻ تي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿي گذارش ڪئي ته چالان پيش ڪرڻ لاءِ پنج ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي جنهن تي عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي کيس 23 سيپٽمبر تي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ فيڪٽري جو مالڪ علي حسن ميٺا ۽ عمارت جو مالڪ فيصل طارق جيل ۾ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو