لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته ڪرڪيٽ جي مداحن ۽ منهنجو ڏک هڪ جهڙو آهي، رميز راجا چيو ته جيڪو ٿيو پاڪستان جي ڪرڪيٽ لاءِ ٺيڪ نه ٿيو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ذريعي ورلڊ ڪلاس ٽيم ٺاهڻ جي صلاحيت آهي، قومي ٽيم نيوزيلينڊ جي فيصلي تي پنهنجي ڪاوڙ عمده ڪارڪردگي ذريعي ڪڍندي.
