108

جمهوريت پارليامينٽ جي وقار جي بحال ۽ غيرتڪراري چونڊ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي وي ايم) ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي وقار جي بحالي ۽ غيرتڪراري چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ چونڊن دوران تڪرارن سبب چونڊون غير مستحڪم رهيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪميشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وٽ وسيلا هئڻ سبب پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اي وي ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. وزيراعظم عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي بنياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح وزيراعظم چونڊجڻ بعد اڃا تائين ڪو به تڪرار سامهون نه آيو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو  مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انهن ووٽنگ مشين جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر  ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان نه صرف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف چونڊن جا نتيجا سامهون آيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو