139

لاڙڪاڻو: پاڻي جي واري تان مامي پنهنجي نوجوان هاري ڀاڻيجي کي ڪوڏر جا ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو  (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ويجهو دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيربخش بروهي ۾ پاڻي جي واري تان علي مراد جکراڻي پنهنجي نوجوان هاري ڀاڻيجي جمال خان جکراڻي کي ڪوڏر جا ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو اطلاع تي زخمي جي وارثن پهچي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي هاري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن دوران وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي مقتول هاري جي ڀاءُ بالاچ خان جکراڻي صحافين کي ٻڌايو ته آءُ منجهند جي وقت پنهنجي ڀاءُ جمال خان سان گڏجي پنهنجي زرعي زمينن کي پاڻي ڏئي رهيا هئاسين جتي مامي علي مراد جکراڻي اچي اسان کي پاڻي بند ڪرڻ جو چيو انڪار تي هن پاڻي جي واري تان ڀاءُ کي ڪوڏر جو زوردار ڌڪ هڻي کيس مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو اهڙو اطلاع حد جي دلمراد ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس مامي جي گرفتاريءَ لاءِ بروقت ڪاروائي نه ڪئي بعد ۾ اسان ڀاءُ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي اسپتال کڻائي آياسين جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو