120

ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي تحريڪ : صادق سنجراڻي جون ڪوششون ڪامياب، ناراض ميمبر پرچائي ورتا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي تحريڪ  کي ناڪام بنائڻ جو ڪوششون جاري:سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جون ڪوششون ڪامياب ٿي ويون، ناراض ميمبر  پرچائي ورتا، رپورٽ موجب بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان خلاف بي اعتمادي تحريڪ ناڪام بنائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين جون ڪوششون ڪامياب ٿيون آهن، صادق سنجراڻي بلوچستان عوامي پارٽي جي ناراض صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي نيٺ پرچائي ورتو آهي،بي اعتمادي تحريڪ جي ڏهاڙي 40 کان وڌيڪ صوبائي وزير ۽  ميمبر وڏي وزير ڄام ڪمال خان سان گڏ هوندا، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ناراض صوبائي وزيرن ۽ ميمبرن جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪاميٽي ٺاهڻ جو يقين ڏياريو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو