دوشنبي (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ افغان بحران جي حل لاءِ 3 نقاطي ايجنڊا پيش ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ اتحادي ملڪ صورتحال جا ذميوار آهن،تاجڪستان ۾ منعقد شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او)جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي چيني صدر چيو ته افغانستان جي خود مختياري جو احترام ڪيو وڃي، امن عمل جاري رهڻ گهرجي، عوام کي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي،افرا تفري واري صورتحال استحڪام ڏانهن وڃي پئي،پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ڪري افغانستان کان لاتعلق نٿا رهي سگهون، هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ به ان سلسلي ۾ پنهنجيون ذميواريون نڀائين، جلد ڪو سياسي حل ڪڍيو وڃي،عالمي برادري ۾ واپسي جي لاءِ طالبان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، اعتدال پسند ۽ مثبت پرڏيهي پاليسيون ٺاهيون وڃن
124