102

آتشبازي جاري رکو، ڪنهن پوليس آفيسر جي پرواهه نه ڪريو:پرويز خٽڪ جو اعلان

 پشاور(ويب ڊيسڪ) نوشهره ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ آتشبازي کان روڪڻ تي پوليس تي مڇرجي پيو، رپورٽ موجب جلسي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن آتشبازي ڪري رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو، جنهن تي پرويز خٽڪ اسٽيج تان اعلان ڪيو ته  آتشبازي جاري رکو، ڪنهن پوليس آفيسر جي پرواهه نه ڪريو،مان جلسي ۾ موجود آهيان، ڪارڪنن آتشبازي کي ڇو روڪيو آهي، آتشبازي جاري رکو ڏسان ٿو ته ڪهڙو پوليس آفيسر اوهان کي روڪي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو