اسلام آباد /ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 71 ڄڻا فوت، 2580 نوان ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 12 ڄڻن جو حياتيون ضايع، رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 4.68 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا، 4964 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، هوڏانهن سنڌ ۾ وڌيڪ 12 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته650 نوان ڪيس ظاهر ٿيا،هوڏانهن 29078 مريض علاج هيٺ آهن، 547 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي،جڏهن ته 43 ڄڻا وينٽيليٽر تي رکيل آهن،ٻئي طرف ڪراچي ۾ 244،حيدرآباد ۾ 86، شهيد بينظيرآباد ۾ 37، مٽياري ۾ 27، دادو ۾ 23، ڄامشوري ۾ 23 ۽ قمبر ۾ 22 ڪيس ظاهر ٿيا، بدين ۾ 19، لاڙڪاڻي ۾ 11، شڪارپور ۾ 11، نوشهروفيروز ۾ 7، گهوٽڪي ۾ 5، خيرپور ۾ 3، جيڪب آباد ۾ 4 ۽ سانگهڙ ۾ 2 ڪيس رپوٽ ٿيا آهن.
136