119

جمهوريت لاءِ سڀني صوبن جو احترام ڪرڻو پوندو، بلوچستان جا اڃا تائين مسئلا حل ناهن ٿيا: شهباز شريف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف بي اين پي سربراهه اختر مينگل سان سندس والد سردار عطاالله مينگل جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته جمهوريت لاءِ سڀني صوبن جو احترام ڪرڻو پوندو، بلوچستان جا اڃا تائين مسئلا حل ناهن ٿيا، آئين جي شق 58 (2) بي ڪيترن ئي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو، تڪراري شق ختم ڪرڻ لاءِ سردار عطاالله مينگل اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته  جمهوريت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،قائد اعظم جي خوابن جي تعمير جي لاءِ  سمورين صوبن کي گڏ کڻي هلڻ گهرجي،سمورن صوبن جي عوام جو احترام ۽ وسيلن جي پهچ ڪئي وڃي،بلوچستان وڏو صوبو آهي، پر اتي پاڻي ۽ بجلي جو سنگين مسئلو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو