حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان مسلسل نظر انداز ڪرڻ جي حڪومتي جماعت پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت احتجاجن پنهنجي تنظيمي عهدن تان استعيفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، پي ٽي آءِ سينٽرل ريجن سنڌ جي صدر اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي جي ڀاءُ ۽ اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پارٽي جي چيف آرگنائيزر سيف الله خان نيازي کي اماڻي ڇڏي آهي، صداقت جتوئي پنهنجي استعيفيٰ جي متن ۾ لکيو آهي ته آئون ذاتي مصروفيتن سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، منهنجي پارٽي سان ورڪر جي حيثيت سان وابسطي جاري رهندي ۽ هو هڪ ورڪر جي حيثيت سان پارٽي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، ذريعن موجب وفاقي حڪومت طرفان مسلسل ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ توڙي گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ تنظيمي عهديدارن کي نه سڏائڻ تي احتجاجن صداقت جتوئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته لياقت علي جتوئي ۽ صداقت جتوئي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جون به ڳالهيون هلندڙ آهن، هو جلد پ پ ۾ شموليت جو اعلان به ڪري سگهن ٿا، هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ ضلعي حيدرآباد جي صدر نازش فاطمه پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، نازش فاطمه لکت ۾ پيش ڪيل استعيفا ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته عمران خان حقيقي عوامي ليڊر آھي ۽ سندس قيادت ۾ پارٽي لاءِ وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نازش فاطمه موجب هو ذاتي مصروفيتن سبب سياسي سرگرميون جاري رکڻ کان قاصر آھي تنهن ڪري هو صدارت جي عهدي تان استعيفا ڏئي ٿي، ذريعن جو چوڻ آھي ته نازش فاطمه ليڊيز ونگ ريجن جي عهديدارن جي اڍنگي رويي سبب استيفا ڏني آھي، جڏهن پي ٽي آءِ ليڊيز جي ذميوارن نازش فاطمه جي استعيفا پڻ منظور ڪري ورتي آھي، ٻي پاسي پي ٽي آءِ حيدرآباد سٽي جي صدر ڊاڪٽر عاصم بلوچ به پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي، جيڪا ريجنل صدر صداقت جتوئي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ ئي منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ذريعن اهو به دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه ڏينهن اندر حيدرآباد ريجن سان لاڳاپيل مختلف ونگن جا عهديدار به احتجاجن تنظيمي عهدن تان استعيفائون ڏيندا.
145