125

شھيد مير مرتضي’ ڀٽو جي 25 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ شھيد مير مرتضي’ ڀٽو جي 25 هين ورسي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ اڄ 20 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي، جڏهن ته صبح ڏهين وڳي  ايثال ثواب پهچائڻ خاطر مزار تي قرآن خواني ڪئي ويندي ۽ خيرات جو ننگر تقسيم ڪيو ويندو. جنهن بعد ورسي جو مکيه تقريب مزار جي احاطي ۾ جلسي جي صورت ۾ منعقد ٿيندي. ان سلسلي ۾ پ پ شھيد ڀٽو لاڙڪاڻي ضلعي جو ترجمان وريام علي چنا چيو ته مزار جي احاطي ۾ ٿيندڙ جلسي کي مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 25هين ورسي ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ ملهائي ويندي، جنهن ۾ 10 بجه قرآن خواني ڪئي ويندي ۽ خيرات جي ماني تقسيم ڪئي ويندي. ورسي تقريب ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جا مقامي اڳواڻ ۽ ورڪر ۽ جيالا وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو