112

مورو ۾ ايم پي اي علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار ۽ عاشق زرداري جي مان ۾ زبردست آجياڻو، شاندار تقريب

مورو (ويب ڊيسڪ) مورو ۾ پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار ۽ عاشق زرداري جي مان ۾ زبردست آجياڻو، شاندار تقريب، مورو جي مين روڊ تي ناليواري شخصيت رئيس سڪندر زرداري پاران تعمير ڪرايل زرداري هائوس جو به افتتاح، مورو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي حسن زرداري، ضياءُ الحسن لنجار ۽ پ پ جي نوجوان اڳواڻ عاشق زرداري جي مان ۾ مورو جي ناليواري شخصيت رئيس سڪندر زرداري پاران آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي شاندار تقريب پڻ ٿي، آجياڻي تقريب ۾ مورو ۽ آس پاس جون معزز شخصيتون ۽ پ پ اڳواڻن پڻ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري چيو ته زرداري برادري کي گھرجي ته پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ پيار، محبت ۽ امن سان رھن، غريب ماڻھن جي ھر ڏک سک ۾ ڪم اچن، هن چيو ته پ پ جو به اھو ئي منشور آھي ته اصل طاقت عوام آھي، اسان عوام ۽ پ پ ڪارڪنن جا آھيون، جيترو ٿي سگھي غريبن ماڻھن جي مسئلن لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي، علي حسن زرداري چيوته موجوده پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي نااهلي، نالائقي ۽ غلط پاليسين سبب عوام مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪجي چڪو آهي، روز پئٽروليم اگھن ۾ واڌ ڪري عوام کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي، اهڙي صورتحال سبب عوام پي ٽي آءِ حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه اقتدار ۾ اچي عوام کي رليف مھيا ڪيو آهي، پوءِ اهو رليف روزگار، مهانگائي کي گھٽ ڪرڻ توڙي غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام هجن يا وري شھيد راڻي جي مشن تحت عوام جي اميدن مطابق فيصلا ڪرڻ هجي، هن چيوته جلد هن عوام دشمن ۽ ناڪام سيليڪٽيڊ وفاقي پي ٽي آءِ حڪومت مان عوام جي جان آجي ٿيندي ۽ جلد ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي عوامي حڪومت راڄ ڪندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ جي عوام دوست پاليسين کان سکڻ گهرجي، ان موقعي تي مورو جي مين روڊ تي ناليواري شخصيت رئيس سڪندر زرداري پاران تعمير ڪرايل زرداري هائوس جو افتتاح پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته دعا به گهري وئي، آجياڻي تقريب ۾  رئيس ڪامل خان زرداري، رئيس اعجاز احمد زرداري، رئيس موجن خان زرداري، رئيس نياز علي زرداري، رئيس قادر بخش زرداري ۽ ٻيا به موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو