116

پنوعاقل ڀرسان 45 سالن جي ناري جو گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ

پنوعاقل (ويب ڊيسڪ) پنوعاقل ڀرسان دادلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر گوپانگ ۾ 45 سالن جي مسمات عظيمه گوپانگ پرسرار نموني گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مارجي وئي، اطلاع تي دادلو پوليس پھچي عورت جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال پھچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن فوتي عورت جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين ستل ھئاسين گولي جو آواز ٻڌي جاڳيا سين ته عورت بستر تي فوت ٿيل ھئي، اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي، ان سلسلي ۾ دادلو پوليس جو چوڻ آھي ته عورت کي مٿي ۽ جسم ۾ گوليون لڳل آھن، عورت جو لاش گھر اندر بستري تان مليو آھي، جٿان عورت جو لاش مليو اتي رت جو ڪو به نشان ناھي، لڳي ٿو مئل عورت کي گولي ھنئي وئي آھي يا ٻي ھنڌ ماري بستر تي لٽايو ويو آھي، معاملي جي گھڻ رخي جاچ ڪبي، خون ضايع نه ويندو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو