120

طالبان جي قبضي کانپوءِ وچ ايشيائي ملڪن جي پرڏيهي حڪمت عملي….

ليکڪ: اڪبر جان موسيف

وچ ايشيا جي جمهوري رياستن سيڪيورٽي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ کي نظر ۾ رکندي افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ الڳ الڳ ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جيتوڻيڪ خطي جي اڳواڻن تازن مهينن ۾ افغان بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ٻطرفن رابطن ۾ واڌ ڪئي آهي پر انهن جي حڪومتن جا قدم مضبوط هجڻ جو امڪان نظر نه پيو اچي، تاجڪستان ڪابل سانحي بابت مسلسل منفي نقطئه نظر اختيار ڪري رکيو آهي، لڳي ائين ٿو ته ازبڪستان ۽ ترڪمانستان بنا ڪو وقت ضايع ڪرڻ جي نئين افغان عملدارن سان ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهين ٿا، قازقستان ۽ ڪرغزستان جيڪي ٻين ٽن ملڪن جي ابتڙ افغانستان سان ڪا سرحد نٿا رکن ظاهر آهي ته انتظار ڪريو ۽ ڏسو واري روش اختيار ڪري ويٺل آهن، پر ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده سيڪيورٽي جي جائز خدشن کي نظر ۾ رکندي هڪ مضبوط ۽ گڏيل موقف سان خطي جي ملڪن تي طالبان جي اقتدار ۾ واپسي جا امڪاني منفي اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، 8 سيپٽمبر تي ازبڪ حڪومت چيو ته اها طالبان جي عبوري حڪومت جو خير مقدم ڪري ٿي ۽ وڌيڪ چيو ته تاشقند انهن سان تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ عملي تعاون لاءِ تيار آهي، ان ئي ڏينهن پرڏيهي وزير عبدالعزيز ڪاميلوف چيو ته سندن ملڪ افغانستان سان دوستاڻن ۽ سٺي پاڙيسري وارن لاڳاپن جي حمايت ڪري ٿو ۽ پاڙيسري ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غير جانبداري ۽ عدم مداخلت جي پابندي لاءِ پرعزم آهي، هڪ هفتو اڳ طالبان تاشقند کي آزاديءَ جي 30 هين سالگرهه تي مبارڪباد وارا 2 پيغام موڪليا هئا، جنهن سان سندن برادر ازبڪستان سان مفيد ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي، گذريل مهيني جي آخر ۾ صدر شوڪت مرزيويف چيو هو ته ازبڪستان افغانستان ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته هن افغانستان ۾ اڄ جي صورتحال جو اندازو 2 سال اڳ لڳايو هو ۽ پنهنجي حڪومت کي حڪم ڏنو هو ته طالبان سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪري جڏهن ڪا رياست ائين نه ڪري رهي هئي. مرزيويف جو چوڻ هو ته دوحا ۾ سندن اڳواڻ ملا عبدالغني برادر ان وقت واعدو ڪيو هو ته ازبڪستان طرف ڪا گولي نه هلائي ويندي ۽ ان سان اسان جو رابطو فطري آهي، ڇو ته هو پنهنجو واعدو نڀائي رهيو آهي. ازبڪ سياسي مبصر ڪامل الدين ربيموف ملڪ جي افغان سفارتڪاري کي عملي ۽ عقلي قرار ڏيندي چيو آهي ته طالبان افغانستان ۾ هڪ حقيقي ۽ ڊگهي مدي واري وڏي طاقت آهن، هڪ ٻئي تجزيي نگار انور نذير القاعده ۽ ازبڪ انتهاپسندن سان طالبان جي ويجهن رابطن بابت خبردار ڪندي چيو آهي ته انهن ويڙهاڪن پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگردي جي الزام تحت سزائون ٻڌايون ويون آهن ۽ هن طالبان سان لاڳاپن ۾  محتاط رويو اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. تاجڪ صدر امام علي رحمان باربار چيو آهي ته دوشنبي طالبان جي اهڙي حڪومت کي تسليم نه ڪندو جنهن ۾ تاجڪ ۽ ازبڪ جهڙيون نسلي اقليتون شامل نه هجن، دوشنبي جون همدرديون پنجشير ۾ مزاحمتي ويڙهاڪن سان رهيون آهن، جتي گهڻو ڪري نسلي تاجڪ رهن ٿا ۽ طالبان تي نسل ڪشي جو الزام پڻ لڳايو آهي، تاجڪ پرڏيهي وزير سراج الدين مهر الدين 8 سيپٽمبر تي چيو ته هڪ ٽئين ملڪ جي مدد سان طالبان پنجشير تي پنهنجي حملن ۾ جهاز استعمال ڪري رهيو آهي ۽ وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن پر هن اهو واضح نه ڪيو ته هو ڪهڙي ملڪ جو ذڪر ڪري رهيو آهي. ان دوران تاجڪستان افغان ميڊيا جي انهن خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي ترديد ڪئي ته اهي پنجشير کي هٿيار فراهم ڪن ٿا. ان کان اڳ هڪ بيان ۾ حڪومت جي حامي ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف تاجڪستان احمد مسعود جي قيادت ۾ طالبان مخالف اتحاد جي مڪمل حمايت ظاهر ڪئي هئي. صحافي فخر الدين خلبيڪ جو چوڻ آهي ته تاجڪ حڪمت کي افغانستان ۾ نسلي تاجڪ ڪمانڊرن ۽ اڳواڻن جي حمايت ڪرڻ گهرجي، تاجڪستان جي ماهرن ۽ سياستدانن طالبان جي ايندڙ حڪومت بابت دوشنبي ۾ مضبوط پوزيشن جي وڏي پئماني تي آجيان ڪئي آهي پر يورپ ۾ قائم اپوزيشن جي ويب سائيٽ پاپوم جو چوڻ آهي ته رحمان حڪومت طالبان آڏو ڪا شرط رکڻ جي پوزيشن ۾ نه آئي ۽ اهو ته اهي صرف پاڙيسري ملڪ ۾ نسلي تاجڪن جي حمايت ڪري پنهنجي ملڪ ۾ سياسي پوائنٽس حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. 8 سيپٽمبر تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير چيو ته ترڪمانستان گهڻ طرفي تعاون لاءِ موثر مڪينزم جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. جنهنجو مقصد افغانستان ۾ امن ۽ سول ٺاهه حاصل ڪرڻ، سڪيورٽي ۽ سماجي استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي، ازبڪستان وانگر ترڪمانستان به گذريل هڪ سال دوران طالبان سان سفارتي رابطا قائم رکيا آهن، پر تاشقند جي ابتڙ اشڪ آباد هميشه رابطن کي گهڻو اجاڳر ناهي ڪيو. افغانستان ۾ جلد کان جلد امن قائم ڪرڻ لاءِ ترڪمانستان جا اقتصادي مفاد آهن، جنهن ۾ ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ تاپي گئس پائيپ لائين به شامل آهي. ان سان اشڪ آباد کي پنهنجي قدرتي گئس جي برآمدي منڊين کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي، اطلاعن مطابق ٻطرفين ڳالهين دوران طالبان ترڪمانستان کي توانائي جي انهن منصوبن لاءِ سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي آهي، جن ۾ افغانستان شامل هجي. قازقستان جي صدر قاسم زومارت ٽوڪايف تازو ئي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته طالبان سان هڪ حقيقي متحد ۽جامع نمائندگي واري قومي حڪومت جي قائم ڪرڻ کانپوءِ ڳالهين لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته قازقستان نون افغان عملدارن سان تعميري ۽ ڪاروباري رابطا قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، سڀ کان اڳ ڊگهي عرصي کان مسئلن کي منهن ڏيندڙ هن ملڪ کي درپيش سخت انساني مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر صدر ٽوڪايف اڳ چيو هو ته سندن ملڪ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 2 قراردادن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جن ۾ طالبان کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو، روس جي شهر ولاديو وستوڪ ۾  اقتصادي فورم دوران وڊيو ڪانفرنس ۾

هن چيو هو ته قازقستان ڀلي طالبان حڪومت کي تسليم ڪري يا نه آئون هڪ اهم نقطو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون 2003ع ۽ 2011ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻن قراردادن بابت ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جن تحت ان تحريڪ کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، ڪرغستان ۾ عملدارن اڃا تائين طالبان بابت پنهنجي پوزيشن واضح نه ڪئي آهي پر سندن خيال آهي ته افغانستان ۾ تحريڪ لاءِ وڙهندڙن ۾ ڪرغز شهري به آهن، ڪرغزستان ۾ به طالبان جي همدردن جي وڌندڙ تعداد ۾ ميڊيا ۾ ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي بشڪيڪ ۾ پوليس مقامي مسجدن جي پيش امامن تي زور ڏنو آهي ته هو جمعي نماز جي خطبن کي استعمال ڪن ته جيئن بنياد پرست نظرين کي پکڙجڻ کان روڪي سگهجي. سيڪيورٽي چئلينج ۽ خطرا: طالبان جي ان خاطري باوجود ته وچ ايشيائي سرحدن جي ڀڃڪڙي نه ڪندا پوري خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي حوالي سان خدشا موجود آهن، قازقستان جي صدر ٽوڪايف تازو ئي چيو هو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار جن تي هاڻ طالبان جو قبضو آهي اهي علائقائي سلامتي لاءِ واضح خطرو آهن، سندس چوڻ هو ته روس ۽ اجتماعي سلامتي جي معاهدي واري تنظيم سي ايس ٽي او جا ميمبر ملڪ ان حساس معاملي تي هڪجهڙي راءِ رکن ٿا، روسي سلامتي ڪائونسل جي نائب سربراهه دمتري مدويديف جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ انتهاپسند تنظيم نام نهاد دولتِ اسلاميه جا 10 هزار ميمبر موجود آهن، جيڪي بنيادي طور تي وچ ايشيا جي ملڪن جي سرحدن سان لاڳاپيل اتر ۽ اوڀر وارن صوبن ۾ آهن،  خيال ڪيو وڃي ته خطي ۾ بنياد پرست نظرين ۽ افغانستان مان انتهاپسندن جي امڪاني پکيڙ جي صورت ۾ ازبڪستان ۽ تاجڪستان سڀ کان ڪمزور رياستون آهن، خطي ۾ حڪومتون پنهنجي ڏاکڻي سرحد کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ روس کان به مدد حاصل ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ماهرن علائقائي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ ماسڪو جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو آهي پر ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته ڪريملن وچ ايشيا ۾ پنهنجي سياسي ۽ فوجي اثر کي وڌائڻ لاءِ طالبان جي خطري کي استعمال ڪري رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ اهي خدشا به موجود آهن ته سماجي مسئلا، معاشي مشڪلاتون ۽ وڏي پئماني تي بدعنوانيون سڄي خطي ۾ انتهاپسندي جي پکيڙ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو