102

افغانستان دنيا جو هڪ بي يارو مددگار ملڪ..

ليکڪ: جان سمپسن

دنيا جا اهي ملڪ جيڪي روايتي طور تي آمريڪا تي ڀاڙين ٿا افغانستان جون حالتون ڏسندي ئي انهن اوچتو اهو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا انهن کي آمريڪا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر خاطري جي ضرورت آهي، تائيوان خاص طور تي پريشان آهي جنهن کي تقريبن هر روز چين طرفان حملن جون ڌمڪيون سامهون آهن، ڏکڻ ڪوريا، جاپان، مغربي يورپ ۽ برطانيا سڀ حيران آهن ته ڇا آمريڪا سان انهن جي وابستگي يا واعدن جو حال افغانستان جهڙو ٿي سگهي ٿو، صرف چار مهينا اڳ صدر جوبائيڊن پراعتماد انداز ۾ يقين ڏياريندي چيو هو ته ” اسان افغانستان مان ٻاهر نڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪنداسين، اسان اهو ڪم ذميواري سان، سوچي سمجهي ۽ محفوظ طريقي سان ڪنداسين ۽ اسان اهو پنهنجي اتحادين سان گڏ، مڪمل تعاون ۽ شراڪتداري سان ڪنداسين“ پر ائين نه ٿيو ۽ هڪ اهڙو ملڪ جنهن جو سڄو نسل آمريڪا ۽ مغربي حمايت تي ڀاڙي ٿو اوچتو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي يارو مددگار محسوس ڪرڻ لڳو آهي، جڏهن نومبر 2001ع ۾ مغربي حمايت سان معتدل افغان مجاهدن جي اتحاد طالبان کي اقتدار مان بيدخل ڪيو هو ته نستبن خوشحالي ۽ شخصي آزادي جو دور شروع ٿي ويو هو ۽ ملڪ جو گهڻو حصو غربت مان ٻاهر اچي ويو هو، غربت جيڪا طالبان جي 5 سالن واري اقتدار ۾ پکڙي هئي، يقيني طور تي اعليٰ سطح تي وڏيون بدعنوانيون ٿيون پر اتي ترقي به ٿي ۽ ماڻهن ۾ خوف به نه هو، ٻارن جي موت جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آئي، طالبان خلاف جنگ هڪ سيڪيورٽي آپريشن ۾ سلهاڙجي وئي هئي، افغان فوجي، پوليس ۽ شهري هاڻ تائين مشڪلات جو شڪار هئا پر تمام گهٽ تعداد ۾ مغربي فوجي مارجي رهيا هئا، گذريل سال انهن موتن جو تعداد 11 هو، افغانستان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آمريڪي فوجي برطانيا ۾ مقرر هئا، رڳو 2500 جي ننڍڙي مغربي فوج طالبان کي دٻائي ملڪ کي مستحڪم رکيو هو، مغربي فوجن کي افغانستان مان واپس گهرائڻ جي آخري تاريخ جي اعلان کانپوءِ طالبان هڪدم ڪابل ۽ ملڪ تي قبضي تي ڪري ورتو، افغانستان ۾ هاڻ سڀ ڪجهه غير يقيني آهي، اسڪول ۽ ڪاليج جتي ڇوڪريون سٺي تعليم حاصل ڪري رهيون هيون، تقريبن بند ٿي ويا آهن، سڄي ملڪ مان ملندڙ رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي هاڻ روڊن تي گهٽ ئي ڏسي سگهجي ٿو جيئن 1996ع ۾ جڏهن طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٿيو هو. مقامي سطح تي ظلمن جا اطلاع آهن، مثال طور صوبي بغلان ۾ لوڪ گلوڪار فواد اندرابي جو قتل، افغانستان جا ڳوٺ ۽ شهر 20 سالن کان موسيقي سان گونجي رهيا هئا، هاڻ طالبان انهن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، صدر اشرف غني جي اڳوڻي حڪومت جا ڪجهه حامي طالبان قيادت سان ڳالهيون شروع ڪري رهيا آهن ۽ ممڪن آهي ته هڪ نئون اتحاد ٺهڻ شروع ٿي وڃي جيڪو طالبان حڪومت کان ٿورو اعتدال پسند هوندو جيڪو اڳ ملڪ هلائي رهيو هو، پر ڪابل ۽ ٻين اهم شهرن کان ٻاهر اصل طاقت طالبان جي حامي ويڙهاڪن جي گروهن سان گڏ هوندي جن فواد اندرابي کي گلوڪار هجڻ سبب قتل ڪري ڇڏيو، امڪان آهي ته نئين طالبان حڪومت کي ٻن الڳ الڳ جنگين کي منهن ڏيڻو پوندو هڪ نام نهاد اسلام اسٽيٽ خراسان خلاف جنهن گذريل هفتي ڪابل ايئرپورٽ تي بم ڌماڪا ڪيا ۽ هڪ مزاحمت اڳوڻي حڪومت جي حامين جي تحريڪ جي شڪل ۾ هوندي، اهي ويڙهاڪ ڪابل کان سئو ميل پري اتر اوڀر ۾ وادي پنجشير ۾ آهن، صدر بائيڊن طرفان اوچتو فوجين کي واپس گهرائڻ جو مطلب آهي ته افغانستان جي ماڻهن لاءِ امن اڳ کان گهڻو پري ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو