110

حڪومت ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ وڌندڙ تڪرار…

ايڊيٽوريل

اها هڪ عجيب بدقسمتي آهي ته 2023ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ موجوده حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ هڪ اهڙي تڪرار ڪر کنيو آهي جيڪو اڳ ۾ 74 سالن جي تاريخ ۾ نه ڏٺو ويو آهي، اها حقيقت آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومتن وچ ۾ تڪرار هلندا رهيا آهن پر هن ڀيري جهيڙو چوٽ چڙهي ويو آهي ۽ ٻئي ڌريون هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن ۽ هي معاملو هاڻ ايترو اڳتي وڌي ويو آهي جو حڪومتي وزير گذريل هڪ هفتي کان ٻيو ڀيرو اليڪشن ڪميشن خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،حڪومت جي ٻن اهم وزيرن فواد چوڌري ۽ شبلي فراز آچر واري ڏهاڙي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزام مڙهيو آهي ته اها مخالف ڌر سان ملي وئي آهي ۽ ٻنهي جي موقف ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي، وفاقي وزيرن چيو آهي ته 2023ع ۾ ايندڙ عام چونڊون نون چونڊ سڌارن تحت ٿينديون پر اليڪشن ڪميشن غير ضروري طور تي مخالف ڌر جي ايجنڊا تحت رڪاوٽون وجهي رهي آهي، وفاقي وزيرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي سياست ڪرڻ جو شوق آهي ته استعيفيٰ ڏئي سياست جي ميدان ۾ اچي، حڪومت طرفان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي چيف اليڪشن ڪمشنر جي فيصلن کي رد ڪرڻ جو پڻ زور وڌو ويو آهي. حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ هي جهيڙو گذريل ڪجهه عرصي کان هلي رهيو آهي، گذريل هفتي حڪومت جي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي پريس ڪانفرنس ڪندي اهو پڻ چيو هو ته اهڙي اداري کان بهتر آهي ته ان کي باهه ڏئي ڇڏجي، هن اهم اداري بابت اهڙو لفظ عوام پهريون دفعو ٻڌو آهي، ان پريس ڪانفرنس کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر حڪومتي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪندي ثبوتن سميت طلب پڻ ڪيو آهي پر حڪومتي عهديدارن جو چوڻ آهي ته هن نوٽيس جي ڪا خاص اهميت ڪونهي، مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته حڪومت سخت پريس ڪانفرنسون ڪري اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ڪمشنر کي دٻاءَ ۾ آڻي پنهنجي مرضي جو فيصلو وٺڻ چاهي ٿي، بهرحال ڏسجي ته هيءَ ڪهاڻي ڪٿي پهچي ٿي پر جنهن انداز ۾ حڪومتي وزير ڪانفرنس ڪري رهيا آهن ان ڳالهه مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي معاملو هاڻي سنگين رخ اختيار ڪري ويو آهي، ملڪ اندر اڳ ۾ ئي عام چونڊ ڪرائڻ جي ڪا تاريخ سٺي نه رهي آهي، سواءِ ڪجهه اهم چونڊن جي باقي عام چونڊون تڪراري رهيون آهن، موجوده حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت خلاف ڌانڌلين جا الزام مڙهي نه فقط ملڪ ۾ لاڳيتو ڌرڻا هنيا پر اسلام آباد تي ڪاهه به ڪئي ۽ ائين سياست ۾ هڪ نئين روايت پڻ وڌي وئي، نواز شريف جي هٽڻ کانپوءِ اڄ موجوده حڪومت خلاف پڻ ساڳي ئي الزام تحت مسلم ليگ (ن) ۽ پي ڊي ايم سميت مخالف ڌر جون پارٽيون ساڳي ئي طرز جي تحريڪ هلائي رهيون آهن، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي چڪو آهي ۽ پي ڊي ايم پاران لانگ مارچ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي پر ان جي تاريخ نه ڏني وئي آهي، بهرحال اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون هڪ سوال رهيون آهن، گذريل ٻن دورن دوران جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان کي ڏسي اميد ڪئي پئي وئي ته ايندڙ چونڊون شفاف ڪرائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي پر موجوده تڪرار هڪ نئين ڳڻتي کي جنم ڏنو آهي.تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر چونڊ سڌارن ۽ ووٽنگ جي طريقيڪار تي گڏجي ڪو اتفاق راءِ سان رستو اختيار ڪن، ٻي صورت ۾ ايندڙ چونڊون اچڻ کان اڳ ئي تڪراري ٿي وينديون، ادارن جو احترام سڀني مٿان لازم آهي ۽ ان ڳالهه کان حڪومت به آجي ڪونهي، جيڪڏهن موجوده حڪوومت ۽ ادارا ائين وڙهندا رهندا ته ماڻهن جو رهيل کهيل ويساهه به کڄي ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو