فائرنگ 118

ڪراچي: هٿياربند ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي فررار ٿي ويا.  ڪراچي جي مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ مين يونيورسٽي روڊ تي نامعلو هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 21 ورهين جي نوجوان عمر بٽ پٽ عمر دراز کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. مقتول جي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو . جتان پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو