91

ايل اين جي سميت مختلف شعبن ۾ 205 ارب رپين جي بيقاعدگين جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايل اين جي سميت مختلف شعبن ۾ 205 ارب رپين جي بيقاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي، پيٽروليم سيڪٽر، ٽيليڪام سيڪٽر، اين ايڇ اي، پي ڊبليو ڊي، اسٽيٽ آفيس ۽ اوگرا سميت ٻين ادارن ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پيٽروليم سيڪٽر، ٽيليڪام سيڪٽر، اين ايڇ اي، سي ڊي اي ۽ پي ڊبليو ڊي، اسٽيٽ آفيس، اوگرا ۽ ٻين ادارن جي اسپيشل آڊٽ ڪئي، جنهن جي رپورٽ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي حوالي ڪئي وئي آهي،  مالي سال 20-2019 دوران مجموعي طور تي 1637 ارب 72 ڪروڙ، 70 لک رپين جي ماليت جون پيٽروليم شيون درآمد ڪيون ويون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو