اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪي وقار مجروح ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي وزيراعظم کي مليل تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هڪ شهري پاران وزيراعظم عمران خان جي تحفن جا تفصيل ڏيڻ جو انفارميشن ڪميشن جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، ڪابينا ڊويزن موقف اختيار ڪيو آهي ته تحفن جا تفصيل ڏيڻ سان غير ضروري خبرون پکڙجنديون، مختلف ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا، ملڪي وقار پڻ مجروح ٿيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۽ شهريءَ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو.
