114

ٺري ميرواهه ڀرسان ننڊ ستل رٽائرڊ استاد کي هٿياربندن بيدردي سان گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ٺري ميرواهه (ويب ڊيسڪ) ٺري ميرواھه جي ڳوٺ شاھ محمد پنهيار ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن هٿيارن جي زور تي گهر اندر داخل ٿي کٽ تي ننڊ  سُتل رٽائرڊ پرائمري ماستر احمد خان پنهيار کي  کٽ سان رسن سان ٻڌي سخت تشدد ڪري ڄنگهون ٻانهون ڀڃڻ بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا صبح باک ڦٽي اھڙي اطلاع بعد ٺري ميرواھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل گڏ ڪيا ۽ لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء آر ايڇ سي ٺري ميرواھ اسپتال آندو جتي مقتول جي ڀاءُ سڪندر پنهيار ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جو برادري جي بااثر ماڻھن سان خوني تڪرار هلندڙ هيو ڀاءُ وارياسي ڀٽَ تي اڪيلي گهر ۾ رهندو هيو رات جوابدارن کيس يرغمال بڻائي سخت تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هن مطالبو ڪيو ته اصل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن آخري اطلاع تائين واقعي جو ميرواھ ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هيو جڏھن ته ان سلسلي ۾ ميرواھ پوليس موقف ڏيندي چيو ته اسان وٽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاء فريادي ناهن پهتا فريادين جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو