115

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 40 ڄڻا فوت، مثبت ڪيسن جي شرح گهٽجي 4.22 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 40 ڄڻا فوت، مثبت ڪيسن جي شرح گهٽجي 4.22 سيڪڙو رڪارڊ، سنڌ ۾ وڌيڪ 19 مريض  فوت، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2167 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، فعال ڪيسن جي تعداد 63724 تائين پهچي چڪو آهي، ٻئي طرف وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڳورهاريون عورتون به ڪورونا ويڪسين لڳرائي سگهن ٿيون، ويڪسين بيماري کان بچائيندي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا ويڪسين جي ٻي خوراڪ لڳرائڻ ۾ دير نه ڪريو، جڏهن موبائيل ويڪسين ٽيمون اچن ته ويڪسين ضرور لڳرايو، هن چيو ته ڊينگي جو موسم آهي، ان ڪري پاڻي گڏ ٿيڻ نه ڏيو، هوڏانهن ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 19 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7289 ٿي ويو آهي جڏهن ته 11471 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 630 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 19 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7289 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 11471 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 630 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 5.5 سيڪڙو هاڻوڪي تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5878815 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 450734 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 92 سيڪڙو يعني 414270 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 514 مريض آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 29175 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 28547 گهرن ۾، 38 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 590 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 531 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 42 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 630 نون ڪيسن مان 222 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 84، ڏکڻ 49، ڪورنگي 32، سينٽرل 27، اولهه 26 ۽ ملير 4 آهن. ضلع ٺٽي  ۾ 60، حيدرآباد 58، ڄامشورو 50، سانگهڙ 33، مٽياري ۽ ميرپورخاص 28-28، شهيد بينظير آباد 21، ٿرپارڪر 20، عمرڪوٽ 17، سجاول 16، بدين 14، لاڙڪاڻو 12، نوشهروفيروز 11، خيرپور ۽ ٽنڊو محمد خان 6-6، دادو ۽ گھوٽڪي 1-1 رپورٽ ٿيا آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو