114

ماحول دوست قدم وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: گورنر عمران اسماعيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ميمڻ برادري جو پاڪستان جي قيام کان وٺي هينئر تائين پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ميمڻ برادري جون سماجي ۽ ڀلائي وارن ڪمن ۾ به خدمتون آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه گورنر هائوس ۾ ميمڻ ليڊر شپ فورم ورلڊ ڪائونسل جي ڪوٺايل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر اميد ظاهر ڪندي چيو ته ميمڻ ليڊر شپ فورم ورلڊ ڪائونسل جا ميمبر ملڪ ۾ ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي ڪتب آڻيندا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ميمڻ ليڊر شپ فورم جي صدر عبدالرحيم جانو چيو ته ميمڻ ليڊر شپ فورم ورلڊ ڪائونسل ۾ 55 ٻيا ملڪ شامل آهن. هن چيو چيو ته ميمڻ ليڊر تحت رولڊ ڪائونسل جي لانچنگ جو بنيادي مقصد ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو