ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو طرفان ليجنڊري ڪاميڊين، اداڪار ۽ ميزبان عمر شريف جي بيماري جو نوٽيس وٺڻ ۽ علاج جي هر ممڪن سهولت جي فراهمي جي هدايت کان پوءِ عمر شريرف جي علاج لاءِ آمريڪا منتقلي جي حوالي سان صحت کاتي طرفان اهم اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. عمر شريف جي خاندان جي خواهش تي عمر شريف جي آمريڪا وڃڻ لاءِ ايئر ايمبولينس جي خرچن لاءِ سنڌ جي صحت کاتي طرفان فنڊ منظور ٿي چڪا آهن، صحت جي سفارش تي سنڌ حڪومت 40 ملين جي رقم منظور ڪئي هئي. ملڪ ۾ ايئر ايمبولينس سروس جي آفيس نه هئڻ سبب انٽرنيشنل طريقيڪار تحت ادائيگي لاءِ مرڪزي حڪومت سان به رابطو ڪيو ويو آهي ته جيئن ايئر ايمبولينس سروس کي جلد کان جلد رقم منتقل ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ سنڌ جي ناڻي کاتي فنانس ڊويزن کي هڪ خط به لکي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اداڪار عمر شريف جي علاج لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو هو. سنڌ جو صحت کاتو ان ڏس ۾ عمر شريف جي خاندان سان رابطي ۾ آهي.
116