113

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو، وومينز ٽيم جو دورو به ملتوي

اسلام اباد (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪري ڇڏيو، وومينز ٽيم جو دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي، انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دورو به ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته رانديگرن ۽ اسٽاف جي ذهني صحت اسان لاءِ پهرين ترجيح آهي، اندازو آهي ته فيصلي سان پي سي بي کي مايوسي ٿيندي، پاڪستان پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ اڻ ٿڪ محنتون ڪيون آهن، اسان سان تعاون دوستي جو واضح مثال آهي. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ وڌيڪ چيو ته ان فيصلي سان پاڪستان ڪرڪيٽ تي پوندڙ اثرن لاءِ معذرت ڪيون ٿا، پنهنجي مستقبل جي واعدي جي 2022ع جي ٽوئر تي ڌيان ڏينداسين. ياد رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽي-20 مئچون 13 ۽ 14 آڪٽوبر کان کيڏڻيون هيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو