ليکڪ: حسيب ناياب منگي
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جو ڪلام دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين عام ٿيل آهي. هو پنهنجي ڪلام ۾ جيڪو آفاقي پيغام ڏئي ويو آهي سو سراسر سچ ۽ انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ آهي. شاهه لطيف جي رسالي تي نظر وجهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هو پنهنجي بيتن ۽ وائين ۾ روحاني رمز کي سنڌيءَ ۾ بيان ڪري ويو آهي. شاهه سائين جي فن ۽ فڪر جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته هو وطن دوست شاعر آهي، سندس ڪلام ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي مثال موجود آهن. شاهه لطيف وٽ ته پنهنجي وطن جو پاڻي به مان رکي ٿو. وطن جي مٽيءَ کي خوشبودار سمجهي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سچ پچ ته باڪمال آهي. اخلاق جا سبق به ٻڌائي ٿو ته صبر ۽ شڪر سان زندگي گذارڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو. محنت ۽ محبت جو درس ڏيندي غرور ۽ تڪبر کان روڪي ٿو. ڪيني کي ڪڍي عملي زندگي گذارڻ لاءِ اتساهيندي نظر اچي ٿو. مشڪلاتن ۾ همت ۽ سوڀ کانپوءِ شڪر جي وائي عام ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. سونهن جي ساراهه ٿو ڪري ۽ قهر تي ڪڙڪي ٿو. داستانن کي ڳائي عشق جي انتها جا عڪس ٿو پسائي. محبت جي ڪشالن ۽ جفائن جي عڪس بندي ڪندي دل جي پڄرڻ ۽ برهه جي باهه جي شعلن کي صدائن جي صورت ۾ نروار ڪري ٿو. وقت جي سخي مردن کي ساراهي ٿو ۽ سر جو سانگو لاهي دليرن جي دليري کي سلام پيش ڪري ٿو. شاهه سائين جي ڪلام جو مجموعو “شاهه جو رسالو” آهي جيڪو اسان وٽ زندگي گذارڻ لاءِ خاص ڪتاب تسليم ڪيو وڃي ٿو، اسان جي ثقافت جو آئينو ۽ ادبي سونهن توڙي سنڌي قوم لاءِ بهترين سوکڙي جي حيثيت رکي ٿو. منجهس شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جا اصول ۽ ذڪر توڙي فڪر جابجا نظر اچن ٿا. سندس ڪلام مذهبي اختلافن کان تمام گهڻو مٿي آهي. شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ غم به بيان ڪيو آهي ته خوشيءَ جا جلوه به پسائي ٿو. حق جي راهه تي هلڻ جو ٻڌائي اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو. ان ڳالهه تي متفق ٿجي ۽ لکجي ته به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته شاهه صاحب هدايت جي هيرن کي جنهن نموني سان پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي سو ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. شاهه لطيف علم لدني سان مالا مال هو تڏهن ئي ته وٽس نه لفظن جي گهٽتائي آهي ۽ نه ئي تشبيهن جي کوٽ! لاشڪ هو سنڌ جو اهو نرالو ڪردار آهي جنهن جي فن ۽ فڪر کي زوال نٿو اچي سگهي. اڄوڪي زماني ۾ ته اتحاد جو نانءُ نشان ئي ناهي رهيو، هر هڪ انسان اڪيلائي پسند ٿي پيو آهي. نفرت ۽ نفسانفسي ماڻهن مان محبت ۽ اتحاد کي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ محبت ۽ اتحاد جو تمام گهڻو سبق سمايل آهي. شاهه صاحب هڪ هنڌ پکين جي اتحاد جو مثال پيش ڪندي ٻڌائي ٿو ته ماڻهن کان وڌيڪ پکين ۾ محبت گهڻي آهي.
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گهڻو.
شاهه لطيف رح اتحاد ۽ محبت کانپوءِ انسان کي سچو ٿي رهڻ جو درس به ڏئي ٿو. تنگ نظريي واري سوچ کي پنهنجو پاڻ مان ڪڍي ڇڏڻ ۽ ٻيائي کي پاڻ کان پري ڪرڻ جو درس به ڏيئي ٿو
منهن منجهه خليل، اندر آذر آهين،
سڌ مَ ڪر صحت جي اڃا تون عليل،
نالو ناه نفاق جو، جتي رب جليل،
منهن ۾ مسلمان تون، قلب تان قليل،
واليءَ جي وصال ۾، دوئي ناه دليل،
الا! عبداللطيف چئي، سچو رکج سِيل.
دنيا ۾ هر ڪو دوستيءَ کي دوستي جي اصولن تي سمجهڻ لاءِ ۽ دوستيءَ جو حق ادا ڪري نڀائڻ لاءِ نظر نٿو اچي. شاهه سائين دوستيءَ جي حقيقت کي مختصر ۽ بامعنيٰ بيان ڪيو آهي، انسان کي غرور ۽ تڪبر کان پري ڪرڻ ۽ سندس حقيقت کي بيان ڪندي چيائين ته سڀ ڪجهه فنا آهي، هر هڪ انسان جنهن زمين تي پنڌ ڪري ٿو تنهن جي هيٺان ئي دفن ٿئي ٿو. هتي ته انسان فقط ٻن ڏينهن جي حياتي گذارڻ لاءِ آيو آهي، بهتر ائين آهي ته مالڪ حقيقي کي لوچي وٺي:
جا ڀونءِ پيرين مون، سان ڀونءِ مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چي.
سو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ زندگيءَ جا سوين رنگ ۽ حقيقت جا عڪس سمايل آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي رهبر جي ڪلام جو مطالعو ڪريون ۽ سندس ڏسيل واٽ تي هلي پنهنجي دنيا ۽ آخرت کي سنواريون.