119

نئين علائقائي صف بنديءَ ۾ طالبان ۽ آمريڪا ڪٿي بيٺل آهن؟

ليکڪ: آصف شاهد

11 سيپٽمبر جي حملن کي 20 سال مڪمل ٿيڻ تي آمريڪا ۾ يادگار تقريبون ٿي رهيون هيون ته ٻئي طرف ڪابل ۾ طالبان عبوري حڪومت جي حلف برداري تقريب جو پروگرام اوچتو ملتوي ڪيو ويو، 5 ملڪن کي دعوت ناما موڪلڻ کانپوءِ طالبان اعلان ڪيو ته حڪومتي عهديدارن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، افغان عوام کي وڌيڪ الجهاءَ جو شڪار رکڻ بدران مستقبل تي ڌيان ڏنو وڃي، افغان طالبان حلف برداري تقريب ملتوي ڪئي ته ڪيترائي ماڻهو حيران ٿيا ته ائين ڇو ٿيو، جيتوڻيڪ ان جو صاف ۽ واضح جواب روس جي صدارتي محل ڏئي ڇڏيو هو ته هن حڪومت جي حلف برداري تقريب ۾ ڪنهن به سطح تي نمائندگي نه ڪئي ويندي، روس جي اعلان مان واضح هو ته علائقائي طاقتون فوري طور تي طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ نه ٿيون چاهين ۽ اهو فيصلو گڏيل رابطن جي نتيجي ۾ ٿيو آهي، هاڻ جڏهن طالبان حڪومت ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ قطر جي پرڏيهي وزير پهرئين غير ملڪي اڳواڻ جي طور تي ڪابل جو دورو ڪيو آهي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اڳتي حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪرڻ واريون آهن ۽ نيٺ ڪهڙو سبب آهي جو طالبان کي خاطريون ڪرائڻ باوجود ڪنهن به ملڪ کين تسليم ڪرڻ جو فوري اعلان ناهي ڪيو، ماسڪو، بيجنگ ۽ انقره ڇا سوچي رهيا آهن؟ آمريڪا رسوائي سان فوجي نيڪال بعد هن خطي متعلق ڪهڙا ارادا رکي ٿو؟ ڇا آمريڪا اڳ واري وانگر پاڪستان ۽ خطي کي اڪيلو ڇڏي نڪري ويندو؟ مستقبل ۾ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون ۽ طالبان حڪومت کي تسليم ڪيو ويندو يا نه؟ انهن سوالن جي جوابن لاءِ اسان کي هر ملڪ جي ردعمل ۽ ارادن جو الڳ الڳ جائزو وٺڻو پوندو. سڀ کان پهريان ڳالهه ڪريون علائقي جي وڏي رانديگر چين جي ته گذريل 10 سالن دوران افغان طالبان سان سٺا لاڳاپا ٺاهيندڙ چين اشرف غني جي فرار ٿيڻ جي پهرين ڏينهن ۾ ڌرين سان متوازن لاڳاپن جي پاليسي اختيار ڪئي هئي ،جيتوڻيڪ 28 جولاءِ تي ملا عبدالغني برادر جي چيني پرڏيهي وزير سان ملاقات به ٿي پر چين کي آمريڪا جي اتحادي اشرف غني جي حڪومت سان رابطن ۾ ڪا ڏکيائي نه هئي، ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ چين غير معمولي سطح جو مثبت ردعمل ڏنو، ملا عبدالغني برادر سان وفدن جي سطح تي ملاقات جي موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير طالبان کي افغانستان جي سياسي ۽ فوجي قوت قرار ڏنو هو، 18 جولاءِ تي چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طالبان حڪومت کي مڃڻ واري سوال تي چيو هو ته جيستائين حڪومت ٺهي نٿي وڃي ان وقت تائين ان جي جواب جو انتظار ڪيو وڃي، هڪ ڏينهن پوءِ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طالبان جي سٺي، مثبت ۽ حقيقت پسند رويي جي تعريف ڪئي ۽ عالمي برادري کي چيو ته اها طالبان بابت دقيانوسي تصورن کي ترڪ ڪري ڇڏي، بيجنگ جي ردعمل مان لڳي ٿو ته اهي افغانتسان ۽ طالبان بابت شروعاتي جائزي تي پهچي 2 نتيجا ڪڍي چڪا آهن، انهن مان پهريون نتيجو طالبان جي فتح ۽ ان فتح جي پائيداري بابت آهي، افغانستان ۾ پنجشير سميت ڪٿي ڪٿي ننڍي وڏي مزاحمت نظر اچي ٿي پر چين ان مزاحمت کي طالبان لاءِ وڏو سياسي چئلينج تصور نه پيو ڪري، ٻيو نتيجو طالبان جي رويي ۾ بهتري متعلق آهي، چين جو خيال آهي ته طالبان هاڻ وڌيڪ عقليت ۽ حقيقت پسند ٿي ويا آهن، ان نتيجي جو بنياد طالبان جي سفارتڪاري ۽ تازا واعدا آهن،  انهن ٻن نتيجن جي بنياد تي بيجنگ جي پاليسي ۽ بيان مرتب ڪيا ويا آهن، يعني بيجنگ اهو سمجهي ٿو ته طالبان هاڻ وڏي عرصي لاءِ آيا ۽ انهن جو رويو 20 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تبديل ٿيو آهي، جيڪڏهن انهن نتيجن جي بنياد تي پاليسي ٺاهي وئي ته ان جو مطلب آهي ته چين طالبان کي شڪ جو فائدو ڏيندو ۽ جيستائين طالبان ڪا وڏي غلطي نٿا ڪن، انهن جي تائيد ڪندو.11 سيپٽمبر جي حملن کي 20 سال مڪمل ٿيڻ تي چيني ميڊيا جي تبصرن ۽ ڪارٽونن ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو اهو چين جي پاليسيءَ جو عڪس آهي انهن تبصرن ۾ آمريڪي صدرن جي تضادن کي نمايان ڪيو ويو ۽ آمريڪا جي وار آن ٽيرر سان پيدا ٿيل انساني المين کي اجاڳر ڪيو ويو، اهو بيجنگ جو سياسي موقف آهي ۽ بيجنگ هاڻ افغانستان ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو ته جنگ ذريعي يا ڪنهن ملڪ ۾ پنهنجو سياسي ماڊل مڙهڻ سان تبديلي نٿي اچي، تبديلي جو واحد معاشي رستو آهي ۽ چين بيلٽ اينڊ روڊ ويزن سان دنيا جي بهتري ۽ قيادت لاءِ تيار آهي. اهو ئي موقف پيپلز لبريشن آرمي جي رٽائرڊ آفيسر زائو هو نيويارڪ ٽائيمز جي مضمون ۾اختيار ڪيو، سندس چوڻ آهي ته چين آمريڪا جي پيدا ڪيل خلا ڀرڻ لاءِ تيار آهي ۽ افغانستان جي معدني دولت ۽ بيلٽ اينڊ روڊ  منصوبي سان ان ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي سگهي ٿو، پر اڃا بيجنگ جي پاليسي حتمي ناهي ۽ هو محتاط رويو رکي ويٺل آهي، ڇو ته بيجنگ ۾ ان ڳالهه تي به سوچ ويچار هلندڙ آهي ته افغانستان نه ختم ٿيندڙ تڪرارن قبائلي جهيڙن مذهبي ۽ نسلي ورهاست جي طويل تاريخ رکي ٿو، چيني ميڊيا 11 سيپٽمبر جي يادگار تقريبن تي آمريڪا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي افغانستان لاءِ عام استعمال ٿيندڙ اصطلاح سلطنتن جو قبرستان جو به استعمال ڪيو هو، جيڪو ان سوچ جو عڪاس آهي، ان ڪري مستقبل ۾ ٿيندڙ طالبان جي حڪومت تسليم کانپوءِ به افغانستان ۾ چين طرفان فوري طور تي وڏي سرمائيڪاري متوقع نه آهي ۽چين محتاط رويو اختيار ڪندو، واشنگٽن سان روايتي تڪرار جي ڪري بيجنگ افغانستان کي آمريڪا تي برتر ڏيکارڻ لاءِ هر صورت استعمال ڪندو، ان ڪري 29 آگسٽ تي آمريڪي پرڏيهي وزير سان فون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ چيني پرڏيهي وزير واشنگٽن کي ليڪچر ڏنو هو ۽ چيو هو ته طالبان سان رابطا ۽ کين صحيح رخ ۾ رهنمائي ڏيڻ ضرورت آهي ان صورتحال کي ڏٺو وڃي ته لڳي ٿو ته چين هن حڪومت کي تسليم ڪندو پر معاشي ۽ سياسي امداد جو دارومدار طالبان جي روين ۽ واعدن جي نتيجن تي هوندو. (هلندڙ)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو