ليکڪ: بابر عباسي
پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ ايندڙ عام چونڊون تمام گهڻيون ڏکيون نظر اچي رهيون آهن، ڇو ته ملڪ ۾ روز روز وڌندڙ مهانگائي سبب عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان بڻيل نظر اچي رهيو آهي، حڪومتي وزير ۽ صلاحڪار صرف بيانن تي عوام جي پيٽ جي بک کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ روز روز نوان نوان بيان ڏئي اسان جي غريب عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن، عوام پهرين ڪورونا وائرس سبب گهڻو ڪسمپرسي ۾ مبتلا بڻجي چڪو هو ته مٿان وري حڪمران پئٽرول مهانگو ڪري عوام مٿان هڪ ٻيو حملو ڪري ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ غريب، مسڪين، پورهيت طبقو ويتر پريشاني واري صورتحال کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي چڪو آهي، مٿان وري ملڪ جي اهم ادارن وچ ۾ ٿيل شروع ٿيل تڪرار کانپوءِ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن لاءِ اهو سوچيو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن بلدياتي اليڪشن جو اعلان نه ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن صوبن کي اهڙو حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ سرڪار تمام وڏي پريشاني ۾ وٺجي ويندي، عوام کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جيڪي واعدا ڪيا انهن مان هڪ به واعدو پورو نه ڪري سگهي آهي پر عوام جي پريشانين ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، روزمرهه جي شين کان وٺي پيٽرول جي روز روز وڌندڙ اگهن جي ڪري عوام پريشاني ۾ ورتل آهي، جيڪڏهن ان حالت ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون ويون ته اهي پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ سياسي خودڪشي برابر هوندي، (ن) ليگ ڪينٽونمينٽ جي اليڪشن ۾ سوڀ ماڻڻ کانپوءِ ڪافي مطمئن نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ هلندڙ ماحول به پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ بهتر نه پيو نظر اچي، ڪينٽونمينٽ جي اليڪشن سڀني کي حيرانگي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت ۾ ويٺل سمورا وزير ڪنهن نه ڪنهن ريت اڏامندڙ پکين وانگر اچي حڪومت ۾ شامل ٿيا پر هاڻ حالتون پنهنجو رخ تبديل ڪري رهيون آهن، ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينري ذريعي ڪرايون وڃن پر مخالف ڌر ان معاملي تي حڪومت سان گڏ بيٺل نظر نه ٿي اچي، ايندڙ عام چونڊن ۾ سڄي ملڪ اندر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي عمل ڪرڻ لاءِ وقت گهٽ آهي، ووٽنگ مشين کي سيڪيورٽي ۾ رکڻ ۽ پولنگن تائين پهچائڻ جي نظام جي به کوٽ آهي، اسان جي ملڪ ۾ اهو معاملو چونڊ شفافيت کان وڌيڪ هر صورت ۾ هار جيت جو بڻجي ويو آهي، چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي صرف اسان جي حڪومت ڪوشش ڪري ته ڌانڌلي بلڪل ختم ٿي ويندي، اسان کي لڳي ٿو ته هي معاملو چونڊن جي شفافيت کان وڌيڪ هر صورت ۾ ايندڙ چونڊون کٽڻ جو ۽ ضد کي پورو ڪرڻ جو بڻجي چڪو آهي، ملڪ جو عوام حڪمرانن کان صرف اهو چاهي ٿو ته ڪجهه به ڪري هن وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهن، عوام کي نه حڪمرانن ۽ اليڪشن ۾ ڪا دلچسپي رهي آهي، عوام صرف اهو چاهي ٿو ته ڪير به هجي يا اچي پر هن مهانگائي کي ٻنجو ڏئي غريب ماڻهو لاءِ روزگار جا در کولي ۽ سٺي صحت، تعليم، صاف پاڻي مهيا ڪري ته اسان غريب ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو انعام اهو ئي هوندو، باقي عوام ان کان بلڪل اڻڄاڻ بڻيل آهي ته هن ملڪ جي حڪمرانن جا روز روز ڪهڙا فيصلا ۽ ڪهڙا رويا هڪٻئي لاءِ بڻجي رهيا آهن يا وفاقي يا صوبائي حڪومتن جو اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ادارن سان ڪهڙو ورتاءُ آهي، اسان سمجهون ٿا ته ايندڙ اليڪشن ۾ شفافيت سڀ کان پهرين ڪئي وڃي ۽ عوام پڻ اهو ڏسندي ته سندس پيٽ جي اُڃ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا حڪمران بهتر بڻجي سگهن ٿا، جيڪي انهن لاءِ نوان نوان روزگار جا در کولين ۽ کين ٻه وقت جي ماني کائڻ لاءِ ڪنهن جي به اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوي، عوام اليڪشن لاءِ ڇا سوچي سگهي ٿو ته پورهيت ۽ ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارو ماڻهو ته صرف اها سوچ رکي ٿو ته صبح جو خير سان ڪا ڏهاڙي ملي ته جيئن هو پنهنجن ٻچڙن لاءِ ٻه ويلن جي ماني جو ڪو بهتر بندوبست ڪري، روز وڌندڙ مهانگائي، بجلي جي لوڊشيڊنگ، ملڪ جي گهڻن شهرن ۾ صاف پاڻي جي کوٽ، صحت جي سهولتن جي اڻلڀ عوام کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻ اسان جي عوام ۾ شعور پيدا ٿيڻ شروع ٿي چڪو آهي ته دعوائون ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ اعلان ڪرڻ بدران بهتر طريقي سان عوام لاءِ ڪجهه ڪندا ته ووٽ ڏيڻ بابت ۽ اليڪشن بابت اسان سوچينداسون، باقي جيڪڏهن صرف اسان کي ڪوڙن دلاسن تي هلائڻو جو سوچو ويو آهي ته هاڻ اسان پنهنجي مستقبل بابت بهتري لاءِ پاڻ سوچي ڪو بهترين قدم کڻنداسين، ان بهتر سوچ سان پورهيت طبقو پنهنجي لاءِ بهترين روزگار، پاڻي، تعليم ۽ صحت بابت قدم کڻڻ جي سوچ رکي پوءِ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ بابت ضرور سوچي رهيو آهي.