ليکڪ: آمنا مفتي
جڏهن اسان اسڪول ۾ هئاسين ته اکين ۾ صرف هڪ خواب هو ۽ اهو اهو ته جلد درجن تي درجا پاس ڪندي ڊاڪٽر ٿينداسين ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين، ان خواب ۽ ان جي تعبير جي وچ ۾ اهي هزارين دلچسپ ڪهاڻيون اچي بيٺيون جيڪي ڏينهن رات دماغ ۾ هلچل مچائينديون هيون ۽ ان شور ۽ گوڙ جو نتيجو اهو ٿيو ته ايف ايس سي ۾ ميڊيڪل جو ميرٽ نه اچڻ جو باقاعده جشن ملهايو ۽ ڪهاڻين جي ديس جو رخ ڪيو، جتان واپسيءَ جو هن تحرير تائين ڪو به ارادو ناهي نه ئي تمنا آهي، ڳالهه اها آهي ته هي دنيا انتهائي نياري آهي، پر ڪهاڻيون نه پيٽ ڀرين ٿيون ۽ نه ئي ڪنهن جا زخم سبن ٿيون، وڌيڪ اهو ته هي خواب نگر منهنجو هو،ڪيترن ئي ماڻهن جي خوابن ۽ تعبيرن وچ ۾ ڪهاڻيون نه ٿيون اچن، اهي ماڻهو آهن جن کي ڊاڪٽر ٿيڻ جي سچي تڙپ ۽ تمنا هوندي آهي، هي ٻار ڊاڪٽر ٿيڻ ڇو چاهيندا آهن اهو ته اهي ٻڌائي سگهن ٿا پر آئون ايترو ضرور ڄاڻان ٿي ته جيڪڏهن خواب ۽ تعبير جي وچ ۾ ڪنهن کي ڀاڻج ماري وڃي ته ان کان وڏو مورک ٻيو ڪو به ناهي هوندو. هر سال هزارين شاگرد ايم ڊي ڪيٽ جي ڦندي ڦاسي پنهنجن خوابن تان دستبردار ٿي رهيا آهن، ايف ايس سي يا اي ليول ڪرڻ کانپوءِ اڪيڊميز ۽ استادن کي لکين رپيا کارائي ايم ڊي ڪيٽ ڏنو وڃي ٿو ۽ اهو امتحان ڇو ورتو وڃي ٿو، منهنجي ناقص عقل ۾ اها ڳالهه اڃا تائين ناهي آئي، ايم ڊي ڪيٽ هڪ اهڙي بلا آهي جو ان کي منهن ڏيڻ تي هر سال هزارين شاگرد روئندي پٽيندي مٿي ۾ ڌوڙ وجهندي روڊن تي احتجاج ڪندي ۽ نيٺ مايوس ٿي پنهنجي خوابن تي هٿ کڻندي زندگيءَ جي ڌوڙ ۾ گم ٿي وڃن ٿا ۽ اها بلا وڌيڪ تازو رت چوسڻ لاءِ ايندر سال وري تواني ٿي سامهون اچي وڃي ٿي، آفرين آهي انهن پيئرن ۽ مائرن کي جيڪي هن گورک ڌنڌي ۾ پنهنجا خواب سلامت رکن ٿا ۽ اسان جي تعليمي نظام ۾ لڳايل ڦندن مان بچي نڪرڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا، گذريل ڏيڍ ٻن سالن کان تعليم ۽ صحت وچ ۾ جيڪا اکٻوٽ هلي رهي آهي ان ۾ فوقيت صحت کي ئي ملڻ گهرجي، ميرٽ سسٽم کي ڪورونا جي حالتن ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ اڳ ئي پريشان شاگردن کي ايم ڊي ڪيٽ جي نون تجربن جي ور نه چاڙهيو وڃي، سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندڙ انهن ٻارڙن کي ڏسي مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ٿو، خواب انتهائي مقصد شيءِ هوندا آهن ۽ اسان خوش نصيب آهيون ته اسان جا ٻار اڃا به خواب ڏسن ٿا، هڪ ٻي خوش نصيبي اسان جو تعليم وارو وزير شفقت محمود صاحب آهي، شايد ٻئي ڪنهن تعليم واري وزير کي پاڪستاني ٻارن طرفان ايتري محبت نه ملي هوندي ان محبت جي مان ۾ هو احتجاج به ڪن ٿا، دانهون به ڪن ٿا ۽ پنهنجي خوابن جي ٽٽڻ تي خاموش به نٿا رهن، اسان جي ملڪ کي اڄ ڊاڪٽرن جي جيتري ضرورت آهي شايد ايتري ڪڏهن به نه هئي، ڪيترائي شاگرد ميڊيڪل جو ميرٽ اچڻ باوجود رڳو ان ڪري اهو شعبو اختيار نٿا ڪن ته پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن جي فيس سندن وس کان ٻاهر هوندي آهي، شفقت محمود ۽ ٻيا حل ۽ عقد جو اختيار رکندڙ ان مسئلي تي وڌيڪ ڌين ته هر سال ڪيترائي ڊاڪٽر تيار ڪري سگهي ٿو ۽ موجوده حڪومت کان وڌيڪ اهو ڪير ٿو ڄاڻي ته هي ڊاڪٽر صرف پاڪستان ۾ ئي نه پرڏيهه ۾ پاڪستان لاءِ ناڻي ۽ عزت جو وڏو وسيلو آهن. خواب ته خواب ئي هوندا آهن ۽ ٻار ٻار ئي هوندا آهن، نه خوابن جو ڪو ملهه آهي ۽ نه ئي ٻار اوهان کي ان کان وڌيڪ ڪجهه ڏئي سگهن ٿا ته ان مهرباني جي نتيجي ۾ الله ڪري اوهان جو گدرو ڪڏهن به ڦڪو نه نڪري پر في زمانا اها دعا ڪمائڻ به وڏي ڳالهه آهي، درست فيصلا ڪيو ۽ دعائون وٺو.