93

وياج جي شرح ۾ واڌ ۽ مهانگائي جي نويد، عوام جو ڇا ٿيندو؟

ايڊيٽوريل

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 15 مهينن کان پوءِ پاليسي ريٽ 2.5 بيس پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 7.25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، 20 سيپٽمبر تي زري پاليسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وياج جي شرح ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي چيو ويو آهي ته معاشي بحال جي رفتار اميد کان وڌيڪ وڌي وئي آهي،  ڪاميٽي ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائيءَ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته جون کان سالياني مهانگائي گهٽ ٿي پر ڳريون شيون ٻاهران گهرائڻ سان مهانگائي وڌي ۽ ان جا انگ اکر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪووڊ جي تازي لهر ڪنٽرول ۾ آهي ۽ حڪومت ويڪسين ڪري ان تي ڪنٽرول ڪيو آهي، معاشي بحالي وبا بابت غير يقيني ڪيفيت جو گهڻو شڪار ناهي ٿي، زري پاليسي ڪاميٽي جي وياج جي شرح ۾ واڌ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته ڪووڊ جي ڌچڪي کانپوءِ اهو ضروري هو ته بحالي کي تحريڪ ڏيڻ جي محور کان هٽيو وڃي ۽ ان کي پائيدار ڪيو وڃي، ان ڪري گذريل مهيني دوران ڏنل زري پاليسي کي ترتيبوار گهٽائڻو پوندو،  ڪاميٽي مطابق حقيقي وياج جي شرح مستقل بنيادن تي منفي رهي آهي ۽ امڪاني طور تي مالياتي اعانت بتدريج سڪڙجي ويندي ته جيئن وقت گذرڻ سان حقيقي وياج جي شرح کي حاصل ڪري سگهجي، زري پاليسي ڪاميٽي چيو ته اميد آهي ته افغانستان ۾ اڀرندڙ صورتحال جي اثرن جي لحاظ کان موجوده انتهائي غير يقيني ڪيفيت کان هٽي ڪري مالي سال 2022ع ۾ ناڻي واڌ 4 کان 5 سيڪڙو جي مٿين حد ۾ رهندي،جاري کاتي جو خسارو جولاءِ ۾ وڌي 0.8 ڊالر کان 1.5 ارب ڊالر ٿي ويو، جنهن سان شديد ملڪي طلب ۽  جنسن جي عالمي قيمتن ۾ واڌ ٻنهي عڪاسي ٿئي ٿي، اسٽيٽ بئنڪ جي اعلان مطابق ناڻي جي رسد مستحڪم رهي، جولاءِ کان آگسٽ دوران 10.4 سيڪڙو وڌي ۽ برآمدات به 2.3 ارب ڊالر جي حد تائين عمدي ڪارڪردگي ڏيکاري پر درآمدات انهن کي بي اثر ڪيو، انهن عملن سبب مانيٽري پاليسي ڪاميٽي جي گذريل اجلاس کانپوءِ رپئي جو اگهه ڪريو آهي پر تازو ٻيون به ڪيتريون ئي ڪرنسيون ڪريون آهن، ڇو ته فيڊرل رزرو طرفان گهٽتائي جي اميد سامهون آئي آهي. ڪاميٽي ٻڌايو ته ان نظام جي شروعات سان رپئي جي اگهه ۾ صرف 4.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي جيڪو ان عرصي ۾ ٻين ڪرنسين جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، اسٽيٽ بئنڪ 25 جون 2020ع تي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪري پاليسي ريٽ 7 سيڪڙو ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو