ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان ڪابينا ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ ٻين مسلڪن کي به شامل ڪرڻ ۽ عورتن کي اهم عهدا ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. طالبان جي حڪومت چيو آهي ته عالمي برادري اسان جي حڪومت تسليم ڪري پوءِ ئي اسين به اعتراض ختم ڪنداسين، عمران خان جي امن واري ڪوشش مداخلت نه آهي، پاڪستان اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه پيو ڪري. اڱاري ڏينهن افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي افغانستان جي اطلاعات بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو ته افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، هن وڌيڪچيو ته ملڪ ۾ اڃان ڪابينا جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا ويندا. هن چيو ته عبوري ڪابينا۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو. عالمي برادري افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ بنا تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ آهي. تنقيد ڪندڙن لاءِ بهتر آهي ته اهي پهرين اسان جي حڪومت تسليم ڪن ۽ پوءِ ئي قانوني طريقي پنهنجا اعتراض اسان تائين پهچائين ته اهي اعتراض ختم ڪنداسين. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغانستان ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته افغانستان ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته سهڪار جي آجيان ڪئي ويندي. پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغانستان ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ملڪ افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي ويندي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وينديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ داعش موجود نه آهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن واقعن کي پڻ جلد روڪي وٺبو. هن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود آهي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن بابت اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا ويندا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينا جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.
