119

نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جي فيصلن سان ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو، ڪارروائي لاءِ مشورو ڪنداسين: فواد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جا دورا رد ٿيڻ سان پي ٽي وي کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو، ٻنهي بورڊن جي خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ وڪيلن سان مشورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي خلاف هڪ مخصوص عالمي لابي مصروف عمل آهي پر اسان کي جهڪائڻ جي خواهش رکندڙ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، اها غلط فهمي جلد ختم ڪري ڇڏين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو