113

هزارين ملازمن کي هٽائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، اميد آهي ته فيصلو ملازمن جي حق ۾ ٿيندو: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت هزارين ملازمن کي هٽائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي، اميد آهي ته فيصلو ملازمن جي حق ۾ ايندو، معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ ان معاملي کي سياسي نه ڪيو وڃي وڃي ۽ ان تي ٺهراءُ  آڻڻ مناسب نه ٿيندو. قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي شازيه مري ايوان ۾ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي کان پوءِ سرڪاري ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي اسان ان بابت ٺهراءُ آڻڻ چاهيون ٿا، صدر نشين امجد علي خان چيو ته هي معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ ان تي بحث نٿو ٿي سگهي، شازيه مري چيو ته ان تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي متفق آهن، پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ان ۾ دلچسپي ورتي. صدارتي خطاب واري ڏينهن اسان جا وزيراعظم سان ٻه اجلاس ٿيا آهن، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺهي آهي، ان ۾ اٽارني جنرل مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني پٽيشن داخل وڃي، حڪومت جي خواهش آهي ته جيترن به ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي انهن کي بحال ڪيو وڃي ان لاءِ حڪومت نظرثاني پٽيشن لاءِ وڃي رهي آهي، هن چيو ته اسان ٺهراءُ جي روح سان متفق آهيون، تنهن هوندي به اهو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته اسان کي اميد آهي ته ملازمن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو ملازمن جي حق ۾ ايندو. ان معاملي کي سياسي نه ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ قانوني طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي، معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان تي بحث ڪرڻ يا ٺهراءُ آڻڻ مناسب نه ٿيندو. راجا پرويز اشرف چيو ته ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي ان لاءِ ان تي بحث ٿي سگهي ٿو، ٺهراءُ جو متن ٻڌو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو اعتراض جوڳو مواد هجي ته ان کي ڪڍيو وڃي ڇو ته اهو 16 هزار شهرين جو معاشي معاملو آهي، اسان کي 16 هزار خاندانن سان همدردي ڪرڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) جي خواجه آصف چيو ته جن ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي ان مان ڪيترائي ملازم پنهنجي ملازمت جي آخري سالن ۾ هئا، جيڪڏهن انهن جي لاءِ گولڊن هينڊ شيڪ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. اهو انساني همدردي جو معاملو آهي، اسان کي سٺي مقصد لاءِ انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته انهن ملازمن کي هنن پاڻ ڪڍيو، ان وقت کين ڪا همدردي نه هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو