110

ڪراچي ۾ حادثي جو زخمي چئن اسپتالن ۾ ڀٽڪڻ بعد فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد حادثي دوران زخمي عارف هاشمي زخمي ٿي پيو، جنهن کي خانگي ۾ اسپتال ۾ آندو ويو، بعد ۾ کيس ڊاڪٽرن جي مشوري ٻئي اسپتال منقتل ڪيو ويو، اتي به ڊاڪٽرن آپريشن شروع نه ڪيو، جنهن کانپواءِ کيس عباسي شهيد اسپتال آندو ويو، اتي به سي ٽي اسڪين ۽ نيورو سرجري جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کيس جناح اسپتال موڪليو، جناح اسپتال جي ڊاڪٽر کيس  داخل ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو ته هي ٻئي اسپتال جو ڪيس آهي، جنهن کانپوءِ وارث کيس عباسي شهيد اسپتال وٺي ويا، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، ٻئي طرف سنڌ جي صحت کاتي نوٽيس ورتو چيو ته واقعي ۾ جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال جي ايمرجنسي جي انتظاميا جو ڏوهه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو