راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي جنرل قمر جاويد باجوه سان يونان جي سفير ملاقات ڪئي، علائقائي سلامتي، افغانستان جي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي ڳالهائيند آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان عالمي سياحت، راندين ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ محفوظ آهي،افغانستان جي عوام جو مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل يقيني بنائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجو تعاون جاري رکندو ،علائقائي امن جي لاءِ عالمي حصيدارن سان گڏ تعاون جي لاءِ پر عزم آهيون، گڏيل مفاد جي شعبن ۾ صحتمنداڻين سرگرمين جي همت افزائي ڪريون ٿا، جڏهن ته يوناني سفير چيو ته ڪورونا وبا تي ڪنٽرول جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، افغانستان جي صورتحال، پرڏيهين کي ڪڍڻ ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
114