114

ايون فيلڊ ڪيس : نواز شريف جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ لاءِ نيب پاران لاڳاپيل ڊي سيز کي خط

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب  ايون فيلڊ ڪيس ۾  اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ لاءِ نيب لاڳاپيل ڊي سيز کي خط  لکي ڇڏيو آهي،رپورٽ موجب نيب عدالتي فيصلي تي عمد در آمد ڪرڻ جي لاءِ اڳوڻي وزير اعظم جي ملڪيت وڪري لاءِ  ڊي سيز کي خط لکيو آهي، لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت نواز شريف کي 2018 ۾ 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي،سزا جي خلاف نواز شريف اپيل داخل ڪئي پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اپيل رد ڪئي، سپريم ڪورٽ ۾ اپيل نه ڪئي وئي،  نواز شريف کي ڏنل سزا حتمي تصور هوندي، ڏنڊ جي رقم اڃا تائين جمع ناهي ڪرائي،ملڪيت وڪرو ڪري پئسا وصول ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو