اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي ڇوٿين لهر وڌيڪ 81 حياتيون کسي ورتيون، 1897 نوان ڪيس، سنڌ ۾ 6 ڄڻا فوت، ٻئي طرف اين سي او سي 23 سيپٽمبر کان لاهور، فيصل آباد،ملتان، سرگودها، گجرات ۽ بنو ۾ پابنديون هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو رهي، 4846 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7295 ٿي ويو آهي جڏهن ته 15114 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 810 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 6 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7295 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 15114 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 810 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 5.4 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 5893929 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 451544 ڪيس ظاهر ٿيا انهن مان 92 سيڪڙو يعني 414979 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 709 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 29270 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 28619 گهرن، 38 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 613 مختلف اسپتالن ۾ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته 556 مريضن جي حالت نازڪ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 40 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 810 نون ڪيسن مان 404 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 136، ضلع سينٽرل 117، ضلع ڏکڻ 73، ڪورنگي ۽ اولهه 30-30 ۽ 18 ملير جا آهن. حيدرآباد ۾ 86، سانگهڙ 47، ڄامشورو 36، ٽنڊوالهيار 27، دادو 26، نوشهروفيروز 24، ٿرپارڪر 22، بدين ۽ مٽياري 21-21، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ 13-13، لاڙڪاڻو 12، گهوٽڪي ۽ سکر 10-10، شڪارپور 9، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ خيرپور 6-6، شهيد بينظيرآباد ۽ ٺٽو 2-2 ڪيس آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪن.
