لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي سربراهي ۾ ملتان ڊويزن جي پارٽي اڳواڻن جي گڏجاڻي تي ان موقعي ڳالهائندي مريم نواز چيو ته ايندڙ اليڪشن اسانجي آهي، مضبوطي ۽ اتحاد سان وڙهنداسين، بيانن جي تضاد جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي،جيڪڏهن اسان جو بيان اسان وٽ نه هجي ها ته اسانجي ۽ ٻين جي جماعتن ۾ ڪو به فرق نه هجي ها،اڳواڻ ظلم سهن پيا، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ڪيتري وڏي طاقت آهي، ان جو اندازو ان جي دشمنن ۽ وفاقي حڪومت کي ڪنٽومينٽ چونڊن ۾ پئجي ويو هوندو، هن چيو ته انهن کي هاڻي به اسان کي هرائڻ جي لاءِ ڌانڌلي ۽ ووٽ چوري ڪرڻا پون ٿا، ملڪ جو مستقل ڪو آهي ته اها (ن) ليگ آهي،هر ادارو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي پيو، پي ٽي آءِ حڪومت جا راز کلن پيا، ان ڪري اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري رهيا آهن.
